مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

چونڊ مضمون

Nirim1948 1.jpg

عرب اسرائيل جنگ 1948 جنھن کي جنگ آزادي يا پھرين عرب اسرائيل جنگ سڏيندا آهن، اسرائيل جي نالي نئين قائم ٿيل رياست ۽ عرب ملڪن جي فوجي اتحاد جي وچ ۾ لڳل جنگ جو نالو آهي، جيڪا برطانيه جي ٻي مھاڀاري جنگ کانپوءِ نگراني ۾ آيل برطانوي فلسطين جي علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ لڳي ھئي. 1917ع ۾ بالفور واري اعلان ۽ 1920ع ۾ برطانوي مينڊيٽ واري فلسطين جي قيام کان پوءِ يھودين ۽ عربن وچ ۾ ھلندڙ دٻاءُ واري حالت، تڪرار جي صورت اختيار ڪئي. 1936ع کان 1939ع جي وچ تائين ھلندڙ مخالفت، فلسطين ۾ عرب انقلاب کي جنم ڏنو ۽ وري 1944ع کان 1947ع تائي ھلندڙ يھودين جي مخالفت وري يھودي بغاوت کي جنم ڏنو. اسرائيل جي خودمختياري جي اعلان کانپوءِ مصر، اردن، شام ۽ عراق جون فوجون فلسطين ۾ داخل ٿي ويون. انھن مان اردن 2 مئي تي اسرائيل سان ڳالھيون ڪري جنگ کان پاسو ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو. جنگ جي نتيجي ۾ اسرائيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد نمبر 181 موجب فلسطين جي تقسيم جي منصوبي تحت کيس مليل علائقي کان سواءِ فلسطيني رياست جي بہ 60 سيڪڙو حصي تي قابض ٿي ويو.

بهترين مضمون

Dr Durreshahwar Syed.JPG

ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد سنڌ جي مشهور سياستدان جي ايم سيد جي ڌيءَ هئي. دُرِ شهوار پهرين سنڌياڻي هئي، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان پي ايڇ ڊي ڪئي. هن پي ايڇ ڊي مشهور جرمن اسڪالر ائينيمري شمل جي نگراني هيٺ مڪمل ڪئي. درشهوار سيد 21 مارچ 1940ع تي ڳوٺ سن، دادو ۾ جنم ورتو. درشهوار سيد هڪ اديب ۽ محقق هجڻ سان گڏ، سماجي ڪارڪن پڻ هئي. درشهوار سيد لطيف چيئر جي سربراهه هجڻ وقت شاهه جي رسالي جا عربي، اردو، فارسي، ۽ انگريزي ترجما پڻ شايع ڪرايا. سيد حسام الدين راشدي جي صلاح تي هن کي فارسي سکڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا جي سندس ڀائرن مخالفت ڪئي، پر والد کيس پڙهڻ جي اجازت ڏني.

هاڻوڪا واقعا

ناديه مراد 2018ع ۾
ناديه مراد
  • ناديه مراد (تصوير) ۽ ڊينس ماڪويج کي امن جي نوبل انعام سان نوازيو ويو.
  • ابراهيم محمد صالح مالديپ جو صدر چونڊجي ويو.
  • هندوستان جي سپريم ڪورٽ تاريخ ساز فيصلي ۾ انڊين پينل ڪوڊ سيڪشن 377 کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن تحت هم جنس پرستي کي ڏوهه قرار ڏنو ويو هو.
  • عوامي جمهوريه دونيتسڪ جو وزير اعظم اليگزينڊر زاخارچنڪو دونيتسڪ ۾ ٿيل هڪ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو.
  • طاهره صفدر، پاڪستان جي هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس مقرر ٿي وئي.

اڄ جو ڏينهن

آچر 14 آڪٽوبر 2018ع مطابق 4 صفر 1440ھ

اڄ يوڪرين جي دفاع جو ڏينهن آهي.

بيگم اشرف عباسي
بيگم اشرف عباسي

نظام الملڪ (و. 1092ع) · آئزن هاور (پ. 1890ع) · گوتم گنڀير (پ. 1981ع)

وڌيڪ چونڊ ڏينهن:

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 10,679 مضمون موجود آهن.

اڄ جو لفظ

1

ڇمڪڻي
پَسارڪي وکر جو هڪ قسم
امَلتاس جي هڪ ڦَرِي، جيڪا ڇِمڪَڻ جو آواز ڪندي آهي.

ڇا توھان ڄاڻو ٿا

زھره جو پٽو
زھره جو پٽو
  • ... ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جا ڪتاب مصر جي جامع الازهر جي نصاب ۾ شامل آهن.
  • ... ته نورواهه ميان نورمحمد ڪلهوڙي کڻايو هو، جنهن تان مٿس نورواهه نالو پيو.
  • ... ته سنڌي ادب ۾ تنقيد جي صنف جي شروعات ڪلهوڙا دور مان ٿيل ڀائنجي ٿي، جتي قاضي قاضن جي شاعري جي هڪ ستٽجي جواب ۾ ابو الحسن تنقيدي بيت لکيو هو.
  • ... ته سج اڀرڻ ۽ سج لھڻ جي وقت گلابي چمڪ افق جي مٿان لڳ ڀڳ 10 ڊگري - 20 ڊگري تي ٿيندي آھي، ان کي زھره جو پٽو چيو ويندو آهي.
  • ... ته مڙس جي وفات کان پوءِ لسٻيلي رياست جي حڪمران مائي چاڳلي ٿي، خودمختيار حڪومت سبب ڪن پاڙيسري سردارن کي حسد ٿيڻ لڳو ۽ ڪاوڙ وچان چوڻ لڳا ته، ڏاڙهي ڪانهي ڏيهه ۾، تڏهن چاڳلي ٿي چاڳ ڪري.
  • ... ته پاڪستان جي آئين ۾ چوٿين ترميم 21 نومبر 1975ع تي نافذ ٿي، جنهن مطابق سنگين ڏوھ ۾ ملوث مبينه ڏوھاري کي ضمانت ڏيڻ جي لاءِ عدالتي اختيارن کي ختم ڪيو ويو.

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 10,679 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
F icon.svg ، Twitter icon.png ، YouTube icon.png ، Tumblr icon.png ، Instagram logo 2016.svg ۽ Google-plus-pink.svg ۾ گڏجو.

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا به ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا به ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.