شاهه جو رسالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
شاهه جو رسالو
195px
مصنف شاهه عبداللطيف ڀٽائي
اصل عنوان شاه جو رسالو
ملڪ سنڌ, پاڪستان
ٻولي سنڌي
موضوع صوفي ازم (تصوف)
ثقافت
تاريخ
صنف شاعري
ناشر سنڌي ادبي بوڊ
تاريخ اشاعت
1961


شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو سنڌي ادب ۾ هڪ املهه خزانو آهي. شاھ جو ڪلام، مضمون جي مدنظر تي هيٺين جدا طبقن ۾ وراهي سگهجي ٿو. [1]

شاهه جو رسالو جا سُر (چيپٽر)

شاهه جي رسالي جا هيٺيان سر آهن. [2] [3]

تحقيق

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پهريون غير ملڪي عالم هو جنهن رسالي کي ترتيب ڏيئي جرمني جي شهر ليپسگ مان 1866ع ۾ شايع ڪيو. پيسن جي گهٽتائيءَ سبب هو رسالي جا باقي سُر ڇپائي نه سگهيو. هن رسالي متعلق ڊاڪٽر دائود پوٽي لکيو ته، ”اگرچ ڇپايل نسخي ۾ گهڻيون ئي اوڻايون آهن، ته به هي ڇاپو ڪيترين ڳالهين ڪري ممتاز آهي. هن ڌارئين ڪرستان پادريءَ کي آفرين هجي، جو سرجو شي ڏيکاري اهڙو امل ماڻڪ نروار ڪري ٻين لاءِ مثال پيدا ڪيائين.[4]“.[5] ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي جي شايع ٿيڻ جي هڪ سال کان پوءِ، مطبع حيدري بمبئي جي مالڪ قاضي ابراهيم پل بندري، شاهه جو رسالو سنگي حروفن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن رسالي جي ڪتابت حاجي محمد سمي ڪئي. ڪاتب جي اڳيان ٻه يا ٽي قلمي نسخا موجود هئا، جو رسالي جي حاشين تي مختلف پڙهڻيون ڏنل آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هن رسالي بابت مقدمي ۾ لکيو ته، ”هن ڇاپي جهڙو ردي نسخو هڏهين هٿ نه ايندو. سنڌ ۾ جيڪوبه ڪن ڪچري جهڙو ڪلام، جو شاهه جي نالي ڳائيندا آهن يا جيڪي بيت مسخرا مجلسن ۾ راند وجهندي چوندا ويندا آهن وغيره، سي به سڀ سواءِ ڪنهن تميز جي منجهس ٿو ڦيا ويا آهن. هن نسخي جي صورتخطي جهوني آهي، جنهن جي پڙهڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿئي ٿي.“2. بمبئي واري رسالي جي شايع ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي سال 1900ع ۾، مسٽر تاراچند شو قيرام جي مدد سان نئين صورتخطيءَ ۾ شاهه جو رسالو ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن تي پوءِ گهڻي تنقيد ٿي. اُن ڳالهه کي مدنظر رکندي، مرزا قليچ بيگ سال 1913ع ۾ شاهه جو رسالو ڇپايو. مرزا صاحب سرڪاري ڇاپي کي سامهون رکندي، بمبئي ڇاپي وارا زائد بيت ۽ وايون رسالي ۾ داخل ڪيون ته جيئن پڙهندڙن کي سڀيئي بيت هڪ هنڌ ملي سگهن. مرزا صاحب واري رسالي ۾ پڙهڻين جون تمام گهڻيون غلطيون موجود آهن. سال 1923ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي رسالي جو صحيح ڇاپو شايع ڪرڻ جو بار پاڻ تي کنيو. ڊاڪٽر صاحب سال 1931ع تائين رسالي جا ٽي جلد ڇپائي پڌرا ڪيا. چوٿون جلد ڪن سببن جي ڪري ڇپائي نه سگهيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ رسالي جا جيڪي ٽي جلد شايع ڪيا، اُنهن ۾ گهڻو ڪري اِهو خيال رکيو ويو ته ٻين سالڪن جي بيتن کي الڳ ڪري هڪ صاف سُٿرو متن شايع ڪيو وڃي. ڪنهن حدتائين ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي مقصد ۾ سڦل به ٿيو. هن جي اڳيان قلمي نسخن جو ايترو گهڻو تعداد ڪونه هو، فقط پنج قلمي نسخا ۽ پنج ڇاپي رسالا سندس اڳيان هئا، جن جي آڌار تي هن متن جو بنياد رکيو. اِهوئي سبب آهي جو هو بيتن جي گهڻي ڇنڊ ڇاڻ ڪري نه سگهيو. ڪوشش ڪري ٻين سالڪن جا بيت الڳ ڪيائين.هُن بيتن جي معنيٰ، صحيح تلفظ ۽ لفظن جي سمجهاڻيءَ تي گهڻو زور ڏنو. سندس رسالو پنهنجيءَ جڳهه تي اهم ماخذ جي حيثيت رکي ٿو، جتان پوءِ جي مؤلفن گهڻو لاڀ حاصل ڪيو. اڃاتائين سندس رسالي جي گهڻي مڃتا آهي ۽ رسالو سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ اهم جڳهه والاري ٿو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي شايع ٿيڻ کان پوءِ غلام محمد شاهواڻيءَ جو رسالو شايع ٿيو، جنهن جون پڙهڻيون گربخشاڻيءَ واري رسالي تان ورتل آهن. اُن جا ٽي سُر ’واصف‘ جا لکيل آهن، جيڪي الڳ الڳ سُرن جي صورت ۾ به شايع ٿيا، جيڪي پوءِ رسالي ۾ پڻ داخل ڪيا ويا. شاه واڻيءَ جي رسالي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري رسالي کان علاوه باقي جيڪي سُر آهن تن ۾ ڌاريون ڪلام گهڻو ئي آهن. اُن جو سبب اِهو آهي جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جا ٻيا سُر شايع ٿي نه سگهيا جو اُنهن کي خبر پئي ها ته ڪهڙا بيت ٻين سالڪن جا آهن. شاهواڻيءَ جي اڳيان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ماخذ: شاهه ڪريم جو رسالو ۽ ابيات سنڌي موجود هئا پر اُن جي باوجود‘ ”سُرآسا“ ۾ شاهه ڪريم جا بيت موجود آهن، جنهن مان خبر پوي ٿي ته موصوف ڪنهن به قسم جي کوجنا ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ بمبئيءَ واري رسالي کي اڳيان رکي باقي سُر ترتيب ڏنا. غلام محمد شاه واڻيءَ جي رسالي شايع ٿيڻ کان پوءِ هندوستان مان ڪلياڻ بول چند آڏواڻيءَ جو رسالو شايع ٿيو. اُن جو به ساڳيوئي حال آهي ۽ ڪيترن ئي سُرن ۾ ٻين سالڪن جا بيت موجود آهن. هن صاحب به تحقيق نه ڪئي، ايستائين جو شاهه ڪريم جي رسالي کي به نه ڏٺو. سڄو مدار گربخشاڻيءَ واري رسالي تي رکيو. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي کان پوءِ علامه آءِ .آءِ قاضيءَ جو رسالو شايع ٿيو . مون اِهو رسالو نه ڏٺو آهي، اِن ڪري اُن متعلق ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ڪَجهه سال اڳ عثمان علي انصاريءَ جو رسالو شايع ٿيو آهي. فاضل مصنف ديباچي ۾ گهڻي خواهش ڪئي آهي ته ڌاريون ڪلام الڳ ڪيو وڃي، پر حال ساڳيو ئي آهي. ڪافي سُرن ۾ ٻين سالڪن جا بيت ڏنل آهن. البته بيتن جون ڪي نيون پڙهڻيون سامهون آيون آهن. انصاري صاحب جي آڏو شاهه ڪريم جو رسالو، شيخ عبدالرحيم جو ڪلام ۽ خواجه محمد زمان جا بيت موجود هئا، پراُن جي باوجود ”سُرآسا“ ۾ شاهه ڪريم جابيت موجود آهن، جنهن جو ڪو جواز نٿو ٺهي. هن صاحب به اُنهن ٽنهي ماخذن ڏانهن اک کڻي به نه نهاريو، جنهن مان اِهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته انصاري صاحب به ٻين مـؤلفن جو رستو اختيار ڪيو ۽ تحقيق ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏنو. افسوس جو جنهن صاحب اُن کي ايڊٽ ڪيو آهي، تنهن به اُن ڏانهن گهربل ڌيان نه ڏنو آهي. رسالي ۾ ايترو سو ٿيو آهي، جو سڀيئي ڌاريان سُر الڳ ڪيا ويا آهن، جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه آهي. شاهه جي رسالي تي جيڪا محنت سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڪئي آهي سا ڪنهن کان به لڪل ڪانهي. ڊاڪٽر صاحب سالن جا سال رسالي جي متن تي نور نچويو آهي، جنهن لاءِ سنڌي ادب سندس ٿورا ڪڏهن به لاهي نه سگهندو. سنڌ جي هن اورچ عالم 1967ع کان شاهه جي رسالي جي جامع متن لاءِ تحقيق جي ڪم جو آغاز ڪيو، جنهن جي اشاعت جي شروعات 1989ع ۾ معياري متن جي پهرئين جلد جي پڌري ٿيڻ سان ٿي. هي جلد”سُر ڪلياڻ ويمن“ جي متن، مهاڳ ۽ سمجهاڻيءَ واري حصي تي مشتمل آهي. پهرئين جلد کي مرتب ڪرڻ وقت 46 قلمي نسخا ۽ 10 ڇاپي نسخا ڪتب آندا ويا آهن. ايتري ساري مواد مان بيتن کي الڳ ڪرڻ، اُنهن کي ڀيٽڻ ۽ ترتيب ڏيڻ هڪ نهايت اوکو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب وڏي خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ڪيو آهي. هن ايڏي ساري ڪم ۾ اُهي ڪارڪن پڻ مبارڪ باد جا مستحق آهن، جن بيتن کي اُتارڻ ۽ ڀيٽ ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جو سهڻو ساٿ ڏنو ۽ سڄي ڪم ۾ ڊاڪٽر صاحب جا اڻ ٿڪ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا. اُنهن مخلص ڪارڪنن جي علمي سهڪار کان سواءِ رسالي جو ايڏو وڏو ڪم مڪمل ٿي نه سگهي ها.[6]

صوفيانو شعر

تصوف، شاه جي شعر جي، گويا تاڃي ۽ پيٽو آهي؛ يا جيڪر تصوف، ساندس شاعراني عمارت جو مکيه پايو ڪري چئجي. جيتوڻيڪ سندس شعر جا مضمون علحدا علحدا آهن؛ تڏهين به تصوف هڪ سر وانگر آهي، جنهن تي اهي مضمون موتين جيان مڙهيل آهن. اهڙيءَ صنعت ۽ جدت سان، شعر جي پلٽ ڪئي اٿس، جو ظاهريءَ طرح مضمون جي ڪثرت معلوم پيئي ٿي مگر اندروني طرح مڙيئي وحدت آهي اها وحدت ۾ ڪثرت ۽ ڪثرت ۾ وحدت، سندس صوفياني خيال جو نتيجو آهي. ڪن ڪن سرن ۽ بيتن ۾، تصوف دونهيءَ جيان دٻيو پيو آهي، پر ڪن ڪن ۾ ته ڀڙڪو ڏيو ڀنڀٽ ڪيو وجهي. رواجي شاعرن تصوف جا باريڪ نڪتا ۽ عبارتون، جهڙوڪ گل ۽ بلبل، ناز ۽ نياز، شراب ۽ ساقي وغيره، هڪ نظم جو سينگار سمجهي، هروڀرو کڻي پنهنجي ڪلام ۾ ٽنبيون آهن. جلال الدين روميءَ، اهڙن شاعرن بنسبت ’مثنويءَ‘ ۾ چيو آهي: لفظ درويشان بدزردد مرد دورن، تابخواند برسليمي اين فسون
شاه جو صوفيانو ڪلام حال آهي، ۽ نه قال. جيڪو ذڪر ڪري ٿو، سو سندس انيهءَ حالت جو گويا هڪ آئينو آهي. پنهنجو ئي آزمودو ۽ تجربو بيان ڪيو اٿس، نه فقط ٻين کان ٻڌل ڳالهيون؛: نڪي ڪي فيلسوفن وانگي منطقي حجتون ۽ دليل پيش ڪري ٿو.ڍ عالم ۽ عالم جي شين جي وماس؛ ذا ۽ صفات جي باريڪ نڪتن جي موشگافي؛ قدم ۽ حدوث جي لاحل مسئلن جي نوس نوس؛ - اهو آهي فيلسوفن جو طريقو، جنهجن مان هڙ نه حاصل. قاضي قاذن چوي ٿو: ڪنز، قدُوري، ڪافيه، جي پڙهي پروڙين سڀ ته منڊيم اڪوڙي کوه ۾، پيئي ڪڇي اڀ
”هن عالم جون شيون جن جي ڄاڻ اسان کي پنهنجن حواسن جي رستي ئي پئجي سگهي ٿي، تن کي ڪا سچي هستي نه آهي، مگر هڪ قسم جي اضافي بود. مٿن غور ڪرڻ سان اسان کي حق ۽ حقيقصت جي خبر اصل پئجي نه سگهندي. جيستائين اسين انهن جي کوجنا ۾ مشغول آهيون، تيستائين اسين انهن ماڻهن وانگر آهيون، جي ڪنهن غفا ۾ رهدنڙ هجن، جتي اهڙو چؤکنڀو ٻڌل هجن، جو پنهنجو مٿو به ورائي نه سگهن، ۽ پٺيان هڪ باه جو مچ پيو ٻرين. اهڙيءَ حالت ۾ اسين ڪنهن به شيءِ جو، پنهنجي سامهون ديوار تي فقط پاڇوئي ڏسي سگهنداسين؛ ۽ خود پنهنجو ۽ ٻين جو به پاڇي کان سواءِ ٻيو ڪي به ڏسي نه سگهنداسين. اهڙيءَ حالت ۾ اسان جي فيلسوفي رڳو پاڇن بنسبت ئي بحث مباحثو ڪري سگهندي. مگر اهي شيون جن جو اسان فقط پاڇو ڏٺو آهي، سي خود ڇا آهن، ڪٿان آيون آهن ۽ ڪاڏي ٿيون وڃن، تن جو اسان کي پرو پئجي نه سگهندو.“ پر صوفي، ظاهري حواسن کي ترڪ ڏيئي، ’اندر جي تگاڙي لاهي‘، معرفتجو مشاهدو، منجهائين ماڻي ٿو. صوفي ڄاڻي ۽ ٻڌي نٿو، مگر ڏسي ٿو. سندس علم، عين اليقين آهي. چون ٿا ته جڏهين حڪيم بو علي سينا، ابو سعيد ابوالخير مشهور صوفيءَ سان ملاقات ڪري موٽيو، تڏهين ابو سعيد هاضرينن کي چيو ”؟آنچه او مي داند، من مي بينم.“ يعني ”جيڪي هو ڄاڻي ٿو، سو آءٌ ڏسان ٿو.“
تصوف جا متا، ڪيترن فارسي شاعرن نظم ۾ بيان ڪيا آهن؛ مثلاََ فريدالدين عطار ’منطق الطير‘ ۾؛ حڪيم سنائيءَ ’حديقة الحقيقة‘ ۾؛ محمود شبستريءَ ’گلشنس راز‘ ۾؛ ۽ جلال الديدن روميءَ ’مثنويءَ‘ ۾.انهنب زرگن جو اثر، خاص ڪري روميءَ جو، شاه جي صوفياني شعر تي گهڻي قدر معلوم ٿئي ٿو. مگر شاه ڪنهن جي تقليد نه ڪئي آهي. پنهنجي ئي بي نظير نموني ۾ اهي مضمون ادا ڪيا اٿس. صوفياني مضمون کي عاشقانو ۽ خيالي لباس پهرائي، مروج محواري ۾ بيان ڪري ٿو. صوفيانو شعر رسالي ۾ جاءِ بجاءِ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. اهڙو ڪو سر نه آهي، جنهن ۾ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح، ظاهري يا باطني نموني ۾، منظوم ٿيل نه آهي، ڪن ڪن سرن جهڙوڪ ’ڪلياڻ‘ ۽ ’آسا‘ ۾ ته پلٽجي ”پاريون ٿو ڪري.“ دهري خدا جا منڪر آهن، سوفسطاين کي خدا جي هستيءَ ۾ شڪ آهي، ۽ فيلسوف منطقي دليل جا محتاج آهن؛ مگر شاه عبداللطيف جي نظلر ۾ سارو عالم، زمين ۽ آسمان، سج چنڊ ۽ تارا، وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا، مانهو ۽ مرون،- سڀ خدا جي هستيءَ جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن. مگر نهايت پيدائيءَ جي ڪري ناپيدا آهي. هيءُ ”عالم جو آءٌ ساڻ ڀريو ٿو ڀير ڪري“ ۽ قسمين قسمين نامن ۽ روپن سان چٽيو پيو آهي، سو درحقيقت وحدت ئي آهي. ڪثرت ۽ دوئي وهم جي پيدائش آهي. وهم وسارياس، نا ته پنهو آءٌ پاڻ هئي. حق حقيقي هڪڙو آهي. ڪثرت وحدت آهي؛ وحدت ڪثرت. خالق ۽ مخلوق، شاهد۽ مشهود، عاشق ۽ معشوق، مرون ۽ مور، پکي ۽ پکڻ – سڀ پاڻ آهي. نه فقط الله کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين آهي. مگر جيڪي آهي، سو سڀ الله آهي. ڪوڙين ڪيائؤن تهجيون، لکن لک هزار جي سڀڪﮣ جي سين، در سن ڌارو ڌار پريم تهجا پار، ڪهڙا چئي ڪي چئان. انهيءَ حق حقيقيءَ کي سڇاڻڻ جو رستو آهي، دل جي آرسيِءَ تان دوئيءَ ۽ ڪثرت جي ڪٽ اتارڻ: اندر آئينو ڪري، پرين سو پسيج، انهيءَ راه رميج، ته مشاهدو ماڻيين. پر اندر ڪئن اُجارجي؟ نه ڏيهه ڏورڻ ۽ جهنگل جهاڳڻ سان، نه فقط روزن ۽ نمازن سان، مگر پاڻ وڃائڻ سان؛ ڇاڪاڻ ته پنهنجو پاڻ ئي هڪ ’جاڏي جبل‘ جئن حق جي آڏو اچي ٿو ۽ دوئيءَ جو ڪارڻ بنجي ٿو. پاڻ پردو پاڻ کي، سُني ڪر سنڀال. پر پاڻ ڪئن وڃائجي؟ رياضت جي رستي، قربانيءَ ۽ ايثار جي رستي، عشق جي رستي، ۽ مرشد ڪامل جي معرفت. هاڻ اهو پاڻ وڃائڻ آهي در حقيقت پاڻ سڃاڻڻ، ۽ پاڻ مڃائڻ آهي خدا کي سڃاڻڻ. ”من عرف نفسـﮣ، نقد عرف ربـﮣ“ نابودي نيئي عبد کي اعليٰ ڪيئو. جڏهن سالڪ پاڻ ماري، پاڻ سڃاڻي، فنا في الله ٿئي ٿو، تڏهن از خود سندس اندر ۾ ’اناالحق‘ جو نعرو وڄڻ لڳي ٿو. انهيءَ حالت ۾ ساري ڪائنات ساڻس ليءَ ٿيو منجهس سمائجيو وڃي، ۽ عالم جي هر هڪ جزيم ان اهو ئي آواز پيو نڪري؛ جر ٿر تک توار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي سڀيئي شيءِ ٿيا، سوري سزا وار همـﮣ منصور هزار، ڪهڙا چڇاڙهئو چاڙهيان. جو شخص اهڙيءَ منزل تي رسي ٿو، تنهن جي نظر ۾ مذهبن ۽ ڪوفن جي پاڻ ۾ لڙائيءَ غلط فهميءَ کان آهي؛ ڇو ته حقيقت جي پوري پوري خبر ڪنهن کي به ميسر نه آهي. چون نديدند حقيقت سر به افسانه ردند. سڀ تانگهي ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهيا آهن. سندن حال به انهن انڌن جي آچار آهي، جي هڪ هاٿيءَ کي ڏسڻ ويا هئا. اگرچه هر هڪ جزوي طرح پنهنجي پنهنجي خيال موجب پورو هو، مگر ڪلي طرح سڀيئي فاش غلطيءَ ۾ هئا: مئي هاٿي سين مامرو، آچي پئو انڌن مناڙين هٿن سين، اکيين ڪين پسن في الحقيقت فيل کي، سڄا سڃاڻڻ سندي سردارن، بصيرت بينا ڪري. اهي آهن تصوف جا مول مسئلا، جن کي شاه پنهنجي بي نظير ٻوليءَ ۾گ هڻيءَ چٽائيءَ سان بيان ڪيو آهي. ازانسواءِ شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جي جدا جدا منزلن، قضا ۽ قدر، رضا ۽ تسليم، تجليٰ ۽ استتار وغيره ڏي پڻ سندس ڪلام ۾ هر هنڌ اشارا لڀندا.

ناصحانو شعر

شاه جي ناصحاني شعرجي وڏي خوبي هيءَ آهي، جو هر ڪا مت ۽ نصيحت اهڙيءَ دلپذير طرز ۽ وڻندڙ ٻوليءَ ۾ ڏئي ٿو، جو پڙهندڙ جي دل ۾ ازخود چڀيو وڃي، ناصح کي جيڪڏهن انهن باريڪ نڪتن جي خبر نه هوندي، جن جي وسيلي نصيحت جي ناگواري ۽ ڪڙائي دور ٿي وڃي، ته سندس نصيحت قبول پوڻ جي ماڳ موراهين ملالت ۽ نفرت پيدا ڪندي. شاه دنيا جو هر هڪ جزو پنهنجي حڪيماڻيءَ اک سان ڏسي ٿو، ۽ خسيس خسيس شين مان پڻ اخلاقي سبق وٺي، ان کي دلچسپ ۽ خوبصورت لباس پهرائي، پڙندڙ جي اڳيان پيشڪ ري ٿو. اخلاقي تعليم جو دامن سندس هٿان هرگز ڇڏايو نٿو وڃي. نصيحت جو دروازو هميشه کليو پيو آهي، ۽ قدم قدم ٿي نيڪ صلاح جا موتي منظوم ٿيا پيا آن. مگرڪ ن سرن ۾ ته نج ناصحانو شعر ئي نظر اچي ٿو، جهڙوڪ سر ’يمن ڪلياڻ‘ جي اٺين فصل جي آخر ۾، سر ’سينهه ڪيڏاري‘، سر ’ڪاپائتي‘ وغيره ۾. انسان کي نمي کمي هلڻ گهرجي. سڀني سان من ماري ميڻ ڪرڻ گهرجي، ڪينو ۽ ڏمر نه ڌارجي، ڇو ته منجهائن ڌولائو ۽ ڏک حاصل ٿو. کانڌ وڏيائي کيڻ آهي. ڪنهن کي به واتان ويڻ ورائڻ نه گهرجن، دل مان چاوت ۽ بغض ڪڍي تواضح ۽ خاڪساري اختيار ڪرڻ گهرجي، مطلب ته: اڻ چونڊن م چؤ، چوندن چيو وسار اٺئي پهر ادب سين، پر اهائي پار پايوپ مـﮣ مونن ۾، غربت ساڻ گزار مُفتي منجهه وهار، ته قاضي ڪانيارو نه ٿيين. اگرچه تواضع ۽ خاڪساري هر حال ۾ بهتر آهي، ته به انهيءَ جو مطلب اهو نه آهي ته هروڀرو گيدي يا ڪانئر ٿيڻ گهرجي. جڏهين ڪنهن نالائق ياڪ ميڻيم اڻهوءَ سان ڪم پوي ته ان کي پنهنجي حشسمت ۽ جرات جو ڏکو ڏيکارڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهين سختيءَ جي ضرورت ٿئي ته اهابه روا آهي، ڇو ته اهڙيءَ حالت ۾ سختي رحمت آهي: ڪڏه پئجي ڪن ٿي، ڪڏه ٿيجي وات ڪڏه ٿيجي ٻڪرو، ڪڏه ٿيجي ڪات انسان جي مٿان ڪهڙيون به مشڪلاتون ۽ آپدائون نازل ٿين، ته کيس ثابت قدم ٿي، انهن کي منهن ڏيڻ گهرجي؛ نه رڳو خدا تي ڀاڙي، ٻانهون ٻڌي ويٺو رهي. اگرچه خدا تعاليٰ جي مرضيءَ کان سواءِ ڪي به ڪين ٿو ٿئي، مگر انسان کي سيعو ڪرڻ ضرور جڳائي. ”ليس للانسان الا ماسعي.“ يعني ”انسان لاءِ سعيي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪينهي.“ اول پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجهي، پوءِ خدا تي ڀروسو رکجي. موقعو هٿان نه وڃائجي، ڇاڪاڻ ته تر گٿي سو چوٽون کائي. تانگهي ۾ تاڻي ٻڌُ پهجو ترهو اونهي ۾ آڻي، ڪونه ڏيندءِ ڪو ٻيو. دنيا ۾ وفائيءَ ۽ محبت جو ڏڪار آهي. آدمين پنهنجو اخلاص مٽائيم اٺو ڪيو آهي، ماڻهو ماڻهوءَ جو ماس پيو کائي. ماڻهن کان وڌيڪ مرن ۽ پکين ۾ ميٺ ۽ پيار آهي. پر تڏهين به اڳلي کي کپي ته پنهنجي وڙان نه وڃي. چڱايون ڪرڻ چڱن جو لائق آهي. ۽ بڇايون بڇڙن جو. جيڪڏهين تون بڇڙي سان بڇڙو ٿئين، ته پوءِ تنهنجي ۽ هن جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت؟ل جيڪڏهين ڪو چڱو ماڻهو هجي، ۽ توکي خاطري آهي ته ان جي سنگ مان تون لاڀ پرائيندين، ته ڀل ته هو تو سان ڪهڙي به هلت ڪري، تڏهن به تون هن جي پاند کي هٿان نه ڇڏ. جي هو ٻوڏ چويئي ته جيءُ چؤ، جي هو هڪاليڪ ڍيئي، ته به ان جي اوڏو پکڙا اڏي گهار: ڇنن توءِ م ڇن، پاءِ اميري ان سين جي هو آوڳڻ ڪنئي اسنهين، ته تون ڳڻانئي ڳن پاند جهليو تون پن، هن سونهاري سڱ ۾. مثالن جي ڪمي ڪانهي، جئن جئن اهڙن ناصحانه نڪتن تي ويچار ڪبو، تئن تئن سندن لطف وڌيڪ معلوم ٿيندو. ڳالهيون ته معمولي ۽ رواجي آهن جن جي هر شخص کي ڄاڻ آهي، مگر انهن مان جي مطلب ڪڍيا اٿس، ۽ جو سهڻو ۽ عجيب نمونو اختيار ڪيو اٿس، تنهن جي ڪري ڄڻ ته ڪهنن خيالن کي هڪ نئون جامو پهرايو اٿس، يا پراڻي شراب کي هڪ نئينءَ صراحيءَ ۾ اوتيو اٿس،.

عاشقانو شعر

شاه جو عاشقانو شعر ٻن نمونن جو آهي. هڪڙو اهو جنهن جو مضمون نج مجازي عشق آهي، ۽ ٻيو اهو جنهن جو مضمون حقيقي عشق آهي. فصل پهرئين ۾ ڄاڻايل آهي ته جڏهين شاه ڳڀرو جوان هو،ت ڏهن مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ کي هڪوار ڏسڻ شرط مٿس مفتون ٿي پيو هو؛ ۽ جيستائين کيس نڪاح ۾ نه آندائين، تيستائين نهايت حيران ۽ پريشان هو. انهيءَ بيقراريءَ ۽ بيتابيءَ جي حالت ۾ جيڪو شعر چيو اٿس، سو عشق سان ٽمٽار آهي؛ ۽ نوجوانن کي شايد منجهانئس گهڻو مزو ايندو. سر ’کنڀات‘ سر ’برووي سنڌيءَ‘ ۽ سر ’پورب‘ ۽ اهائي لات لنئي اٿس انهن بيتن مان جتان ڪٿان حسن ۽ عشق، ۽ ناز ۽ نياز، دلڪشيءَ ۽ دلربائيءَ، مايوسيءَ ۽ مبتلائيءَ، انتظاريءَ ۽ بيقراريءَ جي بوءِ پيئي اچي. سندس عاشقاني نظر ۾، معشوق جي مورلت ڪل مخلوقات کان سهڻي آهي. سج، چنڊ، تارا، قطب ۽ ڪتيون، سندس جمال جي جوهر اڳيان جهڪا ٿيو وڃن، محبوب جي اکين ۾ اهڙو ناز ۽ خمار آهي جو کيس ڏسڻ شرط، نه فقط ساهوارن، پر بي جاندارن کي به حيرت ۽ ادب وٺيو وڃي. ناز منجهارا نڪري، جڏه پرين ڪري ٿو پنڌ ڀون پڻ بسم الله چئي، راه چمي ٿي رند اُڀيون گهڻي ادب سين، وٺي حورون حيرلت هنڌ سائينءَ جو سوگند، ساڄن سڀينا سوهڻ

طبيعي شعر

نج مجازي عاشقاني شعر کان سواءِ،ٻئي هڪڙي قسم جو شعر جو شاه ڳايو آهي، سو مجازي به آهي، حقيقي به آهي؛ ٻنهي جو وچ آهي. انهيءَ شعر کي جيڪر تمثيلي شعر ڪري چئجي. سنسد اڏاوت جو مکيه بنياد آهن عشقي قصا ۽ ڪهاڻيون، جي عام ماڻهن ۾ مروج آهن. اهو نمونو جلال الدين روميءَ به اختيار ڪيو آهي. پر شاه ۽ روميءَ جي وچ ۾ هي تفاوت آهي، جو رومي سڄي آکاڻي منڍ کان وٺي وڇاڙيءَ تائين کڻندو، لڏندو، لمندو، بيهندو، اندروني مطلب ۽ معنائون ڪڍندو، وڄيو توڙ کي پهچي؛ ۽ ڪڏهين ڪڏهين ته آکاڻيءَ ۾ آکاڻي آڻيو وجهي، جنهن ڪري البت مونجهارو ٿيو پيو. پر شاه جو طريقو علحدو آهي. آکاڻي سڄي ڪٿي به ڪانه ٿو کڻي، فطقط ڪي دلچسپ واقعا يا حالتون نقش ٿو ڪري؛ ۽ ائين سمجهي ٿو ته آکاڻي سندس پڙهندڙن کي اڳيئي معلوم آهي. شاه جو نمونو به مشهور انگريزي شاعر شيڪسپيئر وانگي ناٽڪ جهڙو آهي. هي هڪ نئون نمون آهي، جو سنڌ جي ٻئي ڪنهن به شاعر استعمال ۾ نه آندو آهي. انهيءَ شعر ۾ شاه جي شعور جون ڪُل خوبيون نڪري نروار ٿين ٿيون. شعر جون سڀيئي وصفون، جهڙوڪ واقعه نگاري، قدرتي ۽ انساني حسن جي تصوير، سيرت نگاري، خيالي قوت، عبارت، صنايع بدايع وغيره. هتي جهڙيءَ ڪماليت کي رسيون آهن، تهڙو ٻئي ڪنهن ٻئي ڪنهن به هنڌڏ نه. اهڙو پختو ۽ سهڻو شعر پنجن سرن ۾ چيو اٿس؛ سر ’سهڻيءَ‘ سر ’سسئيءَ‘ سر ’مومل رااڻي‘، سر ’ليلا چنيسر‘، ۽ سر ’مارئيءَ‘ ۾، انهن سرن واقعن جي تصوير اهڙن موزون ۽ مناسب اکرن ۾، چٽائيءَ ۽ صفائيءَ سان ڪئي اٿس، ۽ انسان جي اندر جا طرح طرح جا پور ۽ جذبا اهڙيءَ سچائيءَ سان ورنن ڪيا اٿس، جو پڙهندڙ جي دل هڪدم ڇڪجيو وڃي. جيتوڻيڪ انهن قصن ۾ آيل سورما ۽ سورميون پاڻ اکين سان نه ڏٺيون هئائين، تڏهن به انهن کي پنهنجي خيالي قوت جي وسيلي، اهڙو جيئرو جاڳندو بنايو اٿس، جو پڙهندڙ ائين پيو ڀانئي ته ڄڻ پاڻ کين روبرو ويٺو ڏسي ۽ ساڻن ڳالهائ ٻولهائي، جيتوڻيڪ شاه سهڻيءَ کي درياه ۾ ٻڏندو ۽ لهرن ۾، لڙهندو، پنهنجي جسماني اکينس ان هرگز نه ڏٺو هو، پر تڏهين به ڏسو ته ڪهڙو نه واقعي بيان ڪيو اٿس: گهڙي گهڙو هٿ ڪري، لاهي تهار جنگهه ڄرڪي، وات ۾، سسي کي سئسار چوڙا، ٻيڙا چڪ ۾، لڙ ۾ لُڙيس وار لکين چهٽيس لوهڻيون، ٿيليون ٿر نئون ڌار مڙئا مڇ هزار، ڀاڱاٿهيندي سوهڻي. هاڻي وري ڏسو ته انهيءَ ساڳئي روئداد کي ڪهڙو نه صرف خيالي لباس پهرايو اٿس: ڪانڌيءَ ڪنگ ٿياس، وهڻو جنازو سوهڻي ٻگا جي ٻيٽن جا، ڪُلا تن ڏناس اکيين ملڪ ڏٺاس، توءِ من ڪاڍو مهار ڏي. ڪهڙو نه بيان! ڄڻ ته سڄو واقعو اکين اڳيان پيو ڦري! وري جڏهن درياه جي وه ۽ تک جو بيان ٿو ڪري، تڏهن ته ڪنن جي ڪڙڪن، ڀرين پوڻ جي ڀوارن آوازن، لهرن جي ڌڌڪن جا پڙلا ڪنن ۾ پيا ٻرن، رات جي اونداهي، وهڪرن جو هبيتناڪ هلاچو، پاڻيءَ جا سنها ور ۽ وراڪا وغيره، پڙهدنڙ جي دل ۾ هڪ قسم جي دهشت پيدا ڪن ٿا: ڪارا ڪن، ڪاري تُڳي، ڪاريهر ڪڙڪا مئيم تي مهراڻ ۾، اچن دُپارا دڙڪا جڏهين سونهن ۽ سينگار جو ذڪر ٿو آني، تڏهين وري هڪ نئين قسم جي نزاڪت پيئي بکي. ڏسو ته مومل ۽ سنديس سهيلين جي هار سنيگار جو ڪهڙي نهج دلڪش ۽ رنگين پيرايي ۾ بيان ڪيو اٿس: جحڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس چوٽا تيل چنبيلئا، ها ها هو هميش پئسو سونـﮣ سيد جي نيـﮣ چن نيش لالن جي لبيس، اتڻ اگر نه اُجهي.

جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سائيون عطر ۽ عبير سين،تازا ڪيائون تن مڙهيا گهڻو مُشڪ سين، چوٽا ساڻُ چندن سونهن رپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن ڪيائون لعل لطيف چي، وڏا ويس ورن منجه مرڪيس من، سوڍي سين سڱ ٿيو. سسئيءَ کي ڏسو ته ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو پهري، مٿهو اگهاڙو ڪري ڀنڀوران ٻاهر نڪري، جهنگل جهاڳيندي، وڻ ولاڙيندي، ٽڪر ٽاڪيندي، مرن سان اوريندي، واري وسائيندي، ورلاپ ڪندي، پنهل جو پير کڻندي، هيڪليائي هاڙهي ڏي هلي ٿي. پڙهندڙ ائين پيدو ڀانئين ته هر حال ۾ هر منزل ۾ سسئيءَ سان ساٿي آهي. ڏُکي سنديون ڏنگرين، پسو پٽون پون مئي پڄاڻا منڌ کي، روجهه رڃن ۾ رون ڀڻا ايهين چون، ته مي اسان کي ماريو. سيرت نگاريءَ ۾ پڻ بي مثل آهي. جيتوڻيڪ سندس سورميون سچيون عاشقاڻيون آهن، تڏهن به هر هڪ جي سيرت ۽ چال نرالي نرالي آهي. سهڻي آرپار سهڻي آهي. سندس عشق بي انتها آهي، سندس سڪ ۽ سور جو سنڌو نه آهي. تن ۾ سدائين پرينءَ جي تؤنس اٿس. کامي ۽ پچي، لڇي ۽ لوچي پيئي. سندس عشق جي اُساٽ درياهن کي به درهم ڪيو ڇڏي. سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ وه وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين. سسئي پڻ سچي عاشقياڻي آهي. مگر ڪڏهين ڪڏهين سندس دل م اهي خيال به اٿن ٿا ته ناحق عشق ۾ پاڻ اڙايم: رتي جي رهاڻ، جي اڙايم جيڏيون. ڪڏهين ڪڏهين خودي به ڏيکاري ٿي، ۽ پنهنجي دوست کان ڌرڪ ندڙن تي ڪاوڙ ۽ غصو ڇنڊي ٿيد. ڀايم جي سرواڻ، ڇلائيندم ڪڇپرين کايم هند پلاڻ، اٺ گڏايم ان جا.ئ ڪڏهين ڪڏهين پڇتائي ٿي ته پرديسي پرينءَ سان ڇو پريت پاتيم، ۽ چوي ٿي: ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين. ڪڏهين ته ڏکن ڏاکڙن ۽ ڏولائن ڪري اهڙو ڪڪ ٿئي ٿي، جو اچانڪ سندس واتم ان نڪري وڇي ٿوت ته: کوءِ هاڙُ، ٻن هوتُ، کوءِ پنهو، ٻن پريتڻو مادر مون موت، پسڻا پرائيو. پر آخر ۾ خود انهن خيالن ۽ خطرن کي ئي کـﮣ وجهي،س ر جو سانگو لاهي، پنهوءَ جي پار ڏي ڪاهي پوي ٿي. سڀ مشڪلاتون خوشيءَ سان برسرڪ ري ٿي، ۽ اهڙي ثابت قدم رهي ٿي، جو نيٺ پنهونءَ جي پير تي پٿون ٿئي ٿي. مرون کينم ماس، ته ڀي هڏ هلندم هوت ڏي. مومل راجڪماري آهي. سندس شڪل شبيـﮣ، هلت چلت ۽ ويس ورن شاهاڻو آهي.س ندس سونهن لاثاني آهي. پنهنجي اکين جي الماس سان ڪيترائي پنڊت، پير، مير ۽ فقير گهائي وڌا اٿس. نهايت چتر ۽ چالاڪ، مغرور ۽ بي پرواه آهي. ڪنهن جي عشق جي ڦيندي ۾ پاسڻ جي نه آهي. گهنيئي راول سندس سونهن جي سرهاڻ تي ڀؤنرن جيان ڀنڀولجي ٿي آيا، مگر سوڍيءَ سڀني کي سجهائي ٿي وڌو. گجر کي گجميل جيون، تارن ۾ تبرون هڻيد حاڪمين کي، زور ڀريون زبرون ڪاڪ ڪنڌي قبرون، پسو پر ڏيهين جيون. اهڙي نه آهي، جو ڪنهن جي ٻاهرئن ڏيک ويک يا شان شوڪت تي موهجي وڃي. چيترائيءَ ۽ چالاڪيءَ، ذهن ۽ ذڪاءُ جي گهوري آهي. جڏهين راڻي کي سياڻپ ۽ دانائي ۾ پاڻ کان سرس ڏسي ٿي، ان لاءِ سندس اندر ۾ ازخود عزت جاڳي ٿي، جا عزت مٽجيو اونهو عشق ٿيو پوي. گجر گهڻا گهائيا، پاڻا لڳس گهاءُ مئدري ملاءُ، لڳس ڪان ڪپار ۾. انهيءَ نينهن اتپن ٿيڻ بعد، اگرچه راڻو غلط فهميءَ وچان ساڻس رُسي وڃي ٿو، ۽ ڏوه مڙوئي سندس آهي؛ تڏهن به مومل ماڙيون ۽ محلات ڦٽا ڪري، سندس تات طلب ۾، ڪاڪ جا ڪانگ اڏائي ٿي، ۽ جوڳڻ بنجي در در بيک ڪري ٿي. حال قربان، مال قربان، گهوريان لڊاڻو فدا ٿي فقير جو رسي م راڻو مين سين ماڻو، مناسب نه مئدرا ليلا به راجڪماري آهي، مگر عقل ۽ سمجهه ۾ مومل جي اُبتڙ آهي، اول ۾ چاڳلي ۽ چلولي آهي. مڻين ۽ موتين، هار ۽ سينگار، سينڌ ۽ سرمي سان، گهڻو چاه اٿس، جنهن جي ڪري ئي سندس ڀتار ڀري وڇي ٿو، ۽ ڏهاڳ جو ڏنءُ اچيس ٿو. اهو سور کيس سياڻو ڪري ٿو، پوءِ گيرب ۽ گاءُ ڦٽو ڪري، حيلا حوالا ڇڏي، ڳچيءَ پانڌ پائي، ڪارون پُڪارون ڪري، روئي ڪانڌ کي ريجهائي ٿي، سندس دانهون ۽ فريادون نهايت درد واريون ۽ جان ڏاريندڙ آهن. اوڳڻ ڪري اپار، تو در ايس داسڙا جن تو رسڻ سندي روح ۾، تن مون ڀيڻي ناه ڀتار سائينءَي لڳ ستار، ميٽم دايون مهجيون مارئي هڪ نماڻي ڳوٺاڻي نگنر آهي. حب الوطنيءَ ۽ ديش ڀڳتيءَ جي مورت آهي. پنهنجي ڏيهه جو ڏٿ ۽ ڏونرا، گولاڙا ۽ گگريون، ڦره ۽ لاڻيون، کارا ۽ کٻڙيون، سندس نظر ۾ بهشت جون نعمتون آهن. وطن جي آراڙيءَ سان عمر جو پلاءُ به نٿي پاڙي. جڏهن عمر کيس ڌتاري، سندس ڏيهه ۽ ڏاڏاڻن کان وڇوڙي، زوريءَ ڀڄائي، ڪوٽن ۾ قباو ڪري ٿو، ۽ طرحين طرحين جون لالچون اڇي ٿو، تڏهن به هيءَ ستي هرگز نه ٿي مڙي. ويڙيچن جي وڇوڙي ۾ جان، جسو ۽ جيءُ جلائي رکي ٿي. ابائي لوئي ليڙون ليڙون ٿي وڃيس ٿي، ته به لڱن تان نٿي لاهي. سبي سيبا ڏي، ڀوري نيـﮣ نه ڪڄئو کٿي وٽيون کٿيون، ستي سيوي سي مڇڻ چونم ڪي، ته لڄائبي ٿر ڄائيون. وطن ۽ ور جي سار ۾ هن وينگس جا وار ڪرنڊيون ٿي وڃن ٿ ا، ۽ سندس ساري سونهن ۽ سوڀيا هلي وڇي ٿي، پر تڏهين به رات ڏينهن وطن لالءِ پيئي واجهائي، ۽ ماڙين مٿي ماروئڙن لاءِ هنجون پيئي هاري؛ ۽ توڙ تائين ست ۽ سيل تي ثابت رهي ٿي. واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساه بُت مهجو بند ۾، قيد ۾ ڪريجاه پر ڏيهياني پري ري، ڌار م ڌاريجاه ٿڌي وسائيجاه ٿرن جي مٽي ميم ٿان جي پويون ٿئي پساه، ته نجاه مڙه مليدر ڏي ’عمر مارئيءَ‘ کانسواءِ مٿي ڄاڻايل قصن جي پڇاڙي تعزيه جهڙي آهي، يعني عاشق پنهنجي مقصد کي مرڻ بنا حاصل نٿو ڪري. مارئي به ذري گهٽ موت جي ڪناري تي آهي. مطلب ته جيستائين عاشق جيئرو آهي، ۽ پنهنجي پاڻ جي ڄاڻ اٿس، تيستائين ڏک ۽ ڏاکڙا، محنتون ۽ ڪشالا ڪڍڻا پونس ٿا. پر جڏهين پاڻ ماري فنا ٿئي ٿو،ت ڏهين ئي وصال جو ورق وري پويس ٿو. انهن سڀني قصن مان شاه نيٺ وڃيو ساڳيو مطلب ڪڍي؛ ۽ ور ڏيئي حقيقي عشق سان لڳائي، صوفياني مول متي ”موتوا قبل ان تموتوا“، يعين ”مرڻ کان اڳي مرو“ کي ثابت ڪري ٿو. مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿئا نه مات هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جئا. سر ’سورٺ‘ ۾ شاه حقيقي عشق جي آڻيو ڇيهه ڪري. سهڻي ۽ سسئي، مومل ۽ مارئي جڏهين عشق ۾ جيءُ اڙائين ٿيون، تڏهين کين ڪا اهڙي مثال _سڌ) ڪانهي، ته ڪو طرحين طرحين جون تڪليفون ۽ مصيبتون سهڻيون پوندين؛ ۽ جڏهن اهي تڪليفون ۽ مصيبتون برسر ڪن ٿيون، تڏهين به اها خبر نه اٿن ته ڪو فراق ۾ ئي موت نصيب ٿيندن. اُميد ۽ آسري تي توڙ تائين پييون تڳن. پر راءِ ڏياچ ڄاڻي ٻجهي، دل و جان، رضا ۽ خوشيءَ سان حق جي رستي ۾ پنهنجو سر فدا ڪري ٿو. اهڙيءَ نشڪام ۽ لاطمع قربانيءَ ۾ سالڪ جي اعليٰ سعادتمندي آهي. هو پنهنجي حقيقي محبوب يعني مرشد ڪامل جي فقط اشاري تي تن، من ۽ ڌن نثارڪ ري ٿو. سوء سرن پائي، جي تند برابر توريان اٽل اوڏاهين ٿيي، جيڏاه ٻيجل ٻرائي سکڻون هڏ آهي، سر ۾ سڃڻ ناه ڪين. حقيقي عشق ڪا سٿري ڳالهه نه آهي. سندس پهريون ئي پهريون شرط آهي، جان، جسي ۽ جيءَ جي هيڪاند ڀڃڻ، سوري عاشق جو سينگار آهي، مڙڻ ۽ موٽڻ سندس لاءِم هڻو آهي. الله ڪارڻ پنهنجو لڱ ۽ لحم وڍڻ سندس مرڪ آهي. عاشق جو ڪم آهي پنهنجو سور سکائون به سانڍڻ. سپيريان جي سور جو ماڙهڻ ڏجي نه منجهه. عاشق کي گهرجي ته سختين ۽ مصيبتن ۾ سنرو رهي، واڙيءَ ڦل جيان پيو وهسي. هيدءَ ته هڪڙي سسي اٿس، پرجي کڻي سو سسيون هجنس، ته به دوست جي هڪ دم برابر به نه آهن. مل مهنگو قطرو،. سڪڻ شهادت آسان عبادت، نظر ناز پرين جو. پرينءَ جي پار جي مڙيئي مڍائي آهي، ۽ ظاهري مدائيءَ ۾ عاشق جي ڀلائي آهي. انهن سختين جي رستي ئي عاشق پنهنجو پاڻ فنا ڪري، اندر ۾ معشوق جو آستان بنائي سگهي ٿو. جمله معشوق، ست و عاشق پردهُ – زندهء معشوق است و عاشق مردهُ. اهڙيءَ حالت ۾ معشوق، خود عاشق جو عاشق بنجيو پوي، يعني جڏهن عاشق پاڻ کي شهيدڪ ري معشوقج و لائقڪ ري ٿو، تڏهين معشوق کيبه سندس تات طلب ٿئي ٿي. جيڪڏهنل اڃايل پاڻيءَ جا ڳولائو آهن،ت ه پاڻي به اڃايلن جو ڳولائو آهي. تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تهجي فاذ کروني اذ کر کم اي پروڙج بات هٿ ڪاتي، ڳڙ وات، پڇڻ پر پرين جي. حقيقي عشق صوفين جو مول مقصد آهي ۽ شاه انهيءَ تند کيگهڻو تاڻيو اهي. وڌيدڪ تفصيل تصوف جي بيان ۾ ڪيو ويو آهي. قدرت جا نرمل نظارا، جبلن ۽ ماٿرين جي سانت ۽ ايڪانت، شاه جي جان لاءِ اهڙيون ضروري هيون، جهڙي سڄر ۽ صاف هوا انسان جي ڦڦڙن لاءِ، يا جئن پاڻي مڇيءَ لاءِ، سندس مشاهدي جي قوت نهايت سگهاري هئي، ۽ پنهنجا تجربا بلڪل وڻندڙ ۽ دلچسپ لفظن ۾ بيان ڪيا اٿس. رسالي ۾ ڍنڍن ۽ ڍورن، ندين ۽ نهرن، برن ۽ بحرن، ٽڪرن ۽ ٿرن جو هر هنڌ ذڪر ڪيل آهي، سر ’سارنگ‘ ۾ برسات جو دلڪش بيان ڏنو اٿس، ۽ سر ’مارئيءَ‘ ۾ ٿر ملڪ جو سربستو احوال ڪيو اٿس، ۽ سر ’سراڳ‘ ۽ ’سامونڊيءَ‘ ۾ وري درياءَ ۽ سمنڊ جا عجيب نقش ڪڍيا اٿس. انيهءَ طبيعي شعر ۾ شاه جي شعراڻي قوت ۽ خوبي اعليٰ درجي جي آهي. جڏهين ڪو طبيعي نظارو بيان ڪري ٿو، تڏهين گهڻي اينگهه نٿو ڪري. رڳو هڪ ٻه مکيه وصفون، نهايت صفائيءَ سان نقش ڪري ٿو؛ ۽ پوءِ يڪدم وڃيو انهن جي اندروني ڳجهارت ڏي اشارو ڪري، ۽ انسان جي حال سان لڳائي. ڪن ڪن شاعرن جي عادت ٿيندي آهي، جو ڪنهن ڳالهه کي کڻندا آهن ته ان کي پڇاڙي رکندا آهن، ۽ طرحين طرحين جي وهمي رنگن ۽ روپن سان ٿڦيندا اٿس؛ ۽ پنهنجي دل جون معنائون ۽ مطلب پيا ڪڍندا آهن. پر شاه قدرت جي جدا جدا نظارن جي هوبهو تصوير ڏئي ٿو، ۽ انهن ۾ ڪابه اجائي رنگيني ۽ گلڪاري نٿو گڏي. ڏسو ته بادل جي برکا، وڄن جا چمڪا، رعد جي رڙ، پلر جي پالوٽ، ڪهڙن نه مختصر، مگر مائيدار لفظن ۾ بيان ڪئي اٿس: اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍئا برجن سين ساز، سارنگيون، سرندا، وڄائي برجنگ صراهيون سارنگ، پلٽيون رات پڍام تي. بادل جي رم جهم، تاڙي جي تنوار، ۽ پپيهي جي ’پاڪهان‘ يڪدم شاعر جي من ۾ ورن کان وڇڙيل وانڍين جو خيلا پيدا ڪري ٿي. ڪڻڪن ڪاند چت ڪئو، جهڙ پسيو جهڄن ور ري وانڍن آڏئا، پکا سي م پسن اتر ڊاه اُن جا ته ڪـﮣ کي ڪارون ڪن وارث وري تن، اچي شال اولو ڪري. مشهور سنسڪرت شاعر ڪاليداس پنهنجي ڪاويه، ’ميگهه دوت‘ (ڪڪرن جو قاصد) ۾ براتر جو بيان ڪندي ساڳيو ئي خيال ظاهر ڪيو آهي: ”جڏهن سکي انسان جي دل به جهڙ ڏٺي جهڃيو پوي، تڏهن ويچار ڪريو ته انهيءَ شخص جو ڪهڙو حال هوندو، جو پرينءَ سان ڳل لڳي ڳالهين ڪرڻ جو ڳولائو آهي، مگر ڏور ڏيهه ۾ آهي.“ درياه جا دور ڏسي شاعر جي دل تي دهشت ٿئي ٿي، ۽ اهو نظارو بيان ڪندي کيس ڳڻتي وڍي ٿعي،ت ه ويچارا وڻجارا جي الله جي آسري، ٻيڙين ۾ وکر وجهي، ڏورانهن ڏينهن ڏي ويا آهن، تن جي جان ۽ مال کي شل جو کو نه ٿئي. کوها ڪال کڻي، ان وڌا اتر آسري الا جهري م ان جي، اولي جي اڻي وڻجارن وڻي، وکرُ وڌو ٻيڙيين. اهڙي ريت جڏهين مندن جي ڦير ڦار تي عور ڪري ٿو، ته وري سفر ويل سڄڻن جي سار ٿئيس ٿي. سرن سڙيا پاند اتر لڳا، آءٌ پرين مون تو ڪارڻ ڪاند، سهسين سکائون ڪيون.

جيڪر اچي هاڻ، ته ڪريان روح رچنديون آيل چولي ساڻ، هند ڳر لڳي ڳاليون ڪريان. اهڙا مثال گهڻيئي لڀندا. اهو طريقو اعليٰ درجي جي شاعر کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي لاءِ ممڪن نه آهي. مشهور انگڀريزي شاعر ورڊ سورٿ جي طبيعي شعر جي سڀن کان وڏي خوبي اها ڳڻي ويندي آهي.

رزمي شعر

رزمي شعر يعني لڙاين ۽ جنگين جو ذڪر، شاه گهڻو نه چيو آهي. سر ’ڪيدڏاري‘ کي رزمي شعر جي قطار ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. امام حسين ۽ سندس جنگ جوانن جي ننڍڙيءَ ٽوليءَ جي همت ۽ بهادري، ڪربلا جي ميدان جون سختيون، کڙڳن جي کلول، رڻ جو راڙو، مانهن جو مارو، ونڪن جون ڊهون، مهاين جي وهن جي واويلا وغيره. ڪهڙي نه بي نظير نموني ۾ بيان ڪئي اٿهس. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا اثرائتا لفظ ڪتب آندا اٿس، جو انهن شين جن لاءِ اهي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، تن جو پڙلاءُ ڪن ته پيو پوي، مثلاََ اُن سين طبل باز تبرون، ڪُند ڪٽارا ڪير. انگريزي شاعر ملٽن جي رزمي شعر جي هيءَ هڪ خاص خوبي ليکي ويندي آهي. شهيدن جي شهادت تي ساري فطرت ماتم ڪري ٿي. اهڙي خيال کي انگريزي شعر ۾ پئٿيٽڪ فئلسي ۽ عربي ۾ مجاز عقلي ڪري چوندا آهن. حسن مير هسين کي، رُنو ٽن ٽولن گهر ماڙُهين، جهنگ مروين، اُڀن ۾ ملڪن پکين پاڻ پڇاڙيو، ته لڏئو هوت وڃن الا شهزادن، سوڀون ڏيين سچا ڌڻي. جيڪي ڪانئر ٿي جنگ جو ميدان ڇڏي وڃن ٿا،ت ن جي مڙه کائڻ کان ڳجهن کي به ڪراهت اچي ٿي؛ مگر جو لڙائيءَ ۾ سورفه ٿي وڙهي سر ڏئي ٿو، تنهن جي لاش تي ڳجهن جو به ڳارو آهي. ڪانئرن کي سندس زالون به نفڀرت سان نهارين ٿيون، ۽ کين چون ٿيون: ڀڄي آيين ڀڄڻا، لڄاييءَ مون يار ويٺيون ڪن ڪوار، مـﮣ مٿاها جن جا. پر جيڪي بهادر آهن، ۽ سر فدا ڪرڻ کان نٿا گسن، تن جي زالن لاءِ به فخر جي ڳالهه آهي، ڪئن نه اهي دلاور زالون پنهنجي مانجهي مردن کي همٿائين ٿيون: مر مرين آءٌ روئين، موٽي ڪاند م آءٌ مڇن تو پئاءُ، ڪچا ڪنم جيڏيون. دنيا گذرگاه آهي. مڙس اهو جو ڌرم يڌ، يعني غزا ۾ لڙي سر ڏئي.اڳي پوءِ نيٺ مرڻو آهي، تنهن ڪري ڇو نه فرض ادائي ڪندي ساه ڏجي. گهوڙن ۽ گهوٽن جيڻ ٿورا ڏيهڙا ڪڏه منجهه ڪوٽن، ڪڏه واهي رڻ جا. قمطلب ته سڄي سر ۾ لڙائيءَ، مردانگيءَ، شجاعت ۽ فرض ادائيءَ جا بلڪل چٽا دردانگيز ۽ دلسوز بيان آهن. لفظن جي ڪثرت، تشبيهن ۽ استعارن جي نمزاڪت، جدت ۽ جوش جهلڪو ڏيئي رهيا آهن. ڪن ڪن بيتن ۾ ’مرثيي‘ جي لغار لڳل آهي. انهن ۾ جا دلسوزي ۽ رقت رچيل آهي، سا پٿر کي به پاڻي ڪيو ڇڏي.سنڌ ڏيهه ۾ ’مرثيا‘ گهڻ ئي چيا آهن، جهڙوڪ سيد ثابت علي شاه، مگر شاه جو ڪلام انيهءَ باري ۾ جيتوڻيڪ ٿورو آهي، ته به بي مثال آهي.

مديحي شعر

مديحي شعر لکڻ جو رواج مشرق ۾ ايامن کان جاري هو. اهڙي شعر کي عربستان ۾ ’قصيدو‘ ڪري چوندا هئا، ۽ اصل پيدائش به اتي جي آهي. عرب انهيءَ قسم جي شعر ۾ ڪماليت کي وڃي رسيا هئا. ’قصيدي‘ جو مضمون اڪثر ڪري ڪنهن امير يا حاڪم جي تعريف هوندي هئي، ۽ شاعر کي اهڙي مدح لکڻ جي عيوض انعام اڪرام ملڻ جي تمنا هوندي هئي. انهيءَ لالچ تي ڪيترن نالائق ۽ ڪميڻن ماڻهن جي پڻ ساراه، نهايت رنگين عبارت ۾ ڪئي ويندي هئي. شاه پڻ انيهءَ شعر ۾ پنهنجي طبع آزمائي ڪئي آهي. مگر ٻيا ڪنهن لالچ جي، ڇاڪاڻ ته سندس ممدوحن مان ڪوبه حيات نه هو. فقط سندن چڱين خصلتن ۽ سخاوت جون ساکون ٻڌيون هئائين، جنهن جي ڪري ئي، ۽ نه ڪنهن خود غرضيءَ ڪري، انهن کي پنهنجي ڪلام جي وسيلي هميشه لاءِ زندي رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. گرچه اهو شعر گهڻو ڪونه چيو اٿس، ته به جيڪو چيو اٿس، تنهن مان سندس خيال جي ڳوڙهائي، لفظن جي پختگي، ۽ عبارلت جي نزاڪت خوب ظاهر آهي. سر ’سارنگ‘ ۾ نبيءَ سڳڪوري جي نعت نهايت چيدن لفظن ۾ چئي اٿس: اڳيان ميگهه ملار، صورت تُهجي سڀ جڳُ موهيو. سجدو فيل في الحال ڪئو، پسي مطلب نور نراڙ ڄاپڻ وقت ڄام جي، ڪرئا ڪوٽ ڪُفار آگي آسمانن جو، توکي ڪاريو سير ستار ولسوف يعطيڪ ربڪ، توسين قادر ڪئا قرار قادر پاڻ قسم ڪئو، خاڪ قدمن جو ڪلتار ڍآهين ڪرم ڪريم جا؛ احمد ساڻ اپار اُڪنڊئا جي ابر کي، سرها ٿئا سنگهار موڪل ٿي ميهن کي، دوست هٿا دلدار. سر ’بلاول’ ۾ سنڌ جي اڳاڻن سخي حاڪمن، جادم جکري، راهوءَ، ابڙي، سمي وغيره جي سنجيدي ساراه ڪئي اٿس. ڏسو ته جادم جکري جو سڀاءُ ڪهڙن نه جامع لفظن ۾ ظاهر ڪيو اٿس: ڏمرئو ته ڏي، پرچي و ته پاٽ ڀري جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾ سر ’پرڀاتي‘ ۾ وري لس ٻيلي جي مشهور رحمدل حاڪم سپڙ سخيءَ جي واکاڻ ڪئي اٿس. سپڙ سخي هڪ اعليٰ درجي جو انسان هو، ۽ سوالي خالي نه موٽائيندو هو. شاه انيهءَ وصف کي نهايت سهڻي نموني ۾ بيان ڪيو آهي: ڏاتار ته تون، ٻئا مڙئي مڱڻا ميـﮣ مدائت ا وسڻا، سدا وسين تون جي گهر اچين مون، ته ميريائي مان لهان.

ظريفانو شعر

شاه پنهنجي شعر ۾ هميشه مان ۽ شان سان نظر اچي ٿو، منجهس ڪنهن به قسم جي هلڪڙائي يا اجائي مسخري ڪانهي. حافظ ڪڏهين ڪفر ٿو بڪي، ڪڏهين موالين جيان لاتيون پيو ڪري، ڪڏهين ملن ۽ مولوين تي خندو ٿو ڪري؛ پر شاه هميشه ڳورو ۽ ڳنڀير رهي ٿو. کيس هميشه اهو خيال هوندو هجو ته سندس ڪم آهي ماڻهن کي پنهنجي شعر جي وسيلي اوچي درجي تي آڻڻ. انهيءَ ڪري ظريفانو شعر گهٽ چيو اٿهس. سر ’بلاول‘ جي چوٿين فصل ۾ البت خوش مزاجي ڏيکاري اٿس. پنهنجي هڪ فقير و ڳن سان طرحين طرحين جا چرچا گهٻا ڪيا اٿس. انهيءَ شعر ۾ به ڪنهن جي تقليد نه ڪئي اٿس، مگر پنهنجو نئون نمونو اختيار ڪيو اٿس. مٿال طور هڪ ٻه بيت ڏجي ٿو: آسور سندو آسرو، و ڳنڌ کي وڏو جُسي ۾ جڏو، پر کئڻ تي ک ُرا کڻي.

ٻانڊو ٻيلي نه ٿئو وارو اڄ ويو پيٽر پنڌ پئو، سونهاري سيد ڏي. مضمون جي لياقت کان ساوءِ شاه جي شعر جي عبارت اڪثر ڪري هڪجهڙائي آهي. منجهس ڪنهن قسم جي پيچيدگي يا ابهام ڪونهي. ساري رسالي ۾ ابهام جا ڪي ٻه ٽي مثال مس ملي سگهندا. مگر اهي به اهڙا آهن، جو آسانيءَ سان سمجهي سگهجن ٿا. مثلاََ جا هڙ اندر جيءَ، ساهڙ ڏني ساه کي سا هڙ ڇڙي نه ساه جي، سا هڙ ساهڙ ريءَ ساهڙ ميڙ سميع، ته ساهڙ ڇُڙي ساه جي.

ور ۾ ڪونـﮣ ور، ڏيرن ور وڏو ڪئو. اگرچه شاعر عربيءَ ۽ پارسيءَ جو ماهر هو، تڏهين به نج سنڌي لفظ ۽ اصطلاح استعمال ڪيا اٿس، جن جو وٽس اکٽُ خزانو هو. اها وصف سندس ساريءَ حياتيءَ ۽ هلت چلت جي موافق آهي. جئن ته هو نهايت وطن دوست هو، انهيءَ حب الوطنيءَ جا مثال، رسالي ۾ گهڻا موجود آهن. سندس دل ۾ هميشه سنڌ ۽ سنڌ جي شين لاءِ بيحد پيار هوندو هو. ڏسو ته جڏهن سر سارنگ ۾ برسات جي بي نظير بيان ڪندو پيو وڄڃي، تڏهين ڪئن نه پهريائين پهريائين پنهنجي ديس جو خيال پويس ٿو: سايم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار، دوست تون دلدار عالم سڀ آبادڪ رين. نه فقط سنڌي اکر ڪم آندا اٿس، پر استعارا ۽ تشبيهون به اهڙيون ساديون ۽ سليس آن، جو عامين ۾ عامي مانهو به سولائيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. سندس معلومات ۽ تجربو ايتري قدر ڪشادو هو، جو اهڙي ڪا صنعت يا فن نه اهي، جنهن جي اصطلاحن سان پنهنجو ڪلام نه سينگاريو اٿس. ويڄن، خلاصين، مهاڻن، ماڇين، لهارن، واڍن، ڪڙمين، ڪنڀرن، ڪورين، ڪاساين، ساڌن، فيقرن وغيره جو روزمره جي عبارتن ۽ اصطلاحن کان ڀليءَ ڀت واقف هو؛ ۽ انن کي نهايت خوبيءَ سان پنهنجي شعر ۾ درج ڪيو اٿس. جمادات، نباتات ۽ حيوانات جي طرحين طرحين نالن ۽ وصفن جو چڱو مايو هوس. گاني جي علم ڏانهجن پڻ اشارا ڪيا اٿس. زناني عالم جي وات ۾، جي لفظ اڪثر ڪري هوندا آهن، سي پڻ نهيت نزاڪت سان ڪتب آندا اٿس؛ جهڙوڪ ’مٺي‘، ’آئي‘، ’ٻڙي‘ ’هاري‘ ’مئي‘ ’ماري‘ وغيره، هر شيءِ کي اڪيچار نالنس ان سڏيو اٿس، مثلاََ اٺ کي ’چانگو‘، ’توڏو‘، ’گؤنرو‘، ’ڏاگهو‘ وغيره، ۽ تير کي ’ٻاڻ‘، ’ڪان‘، ’تنگر‘، ’سيلو‘، ’پيلو، ’لوري‘ وغيره. انسان جي دل کي ’نهائينءَڙ‘ سان مشابهت ڏئي ٿٿو. جيڪڏهين نهائين برابر چڪيل نه هوندي ۽ منجهائنس ٻاڦ ٻاهر پيئين ڪرنديد ته رڇ برابر پڇينه سگهندا. اهڙيءَ طرح، جيڪڏهين عشق جي آه، عام سلبي ته عشق ڪچو ئي رهندو. نيهائيءَ کان نيـﮣ، سکُ مهجا سپرين سڙي سارو ڏيـﮣ ٻهر ٻاڦ نه نڪري. عشق جي بيحد سورن کي ’ٻاڙ ٻڌي نار‘ سان ڀيٽ ڪري ٿو. جڏهين پاڻي پڙهاڏي ۾ ُڦرهين ٻوڙو ٿيندو آهي، تڏهين مالهه کي ڦرهين سان ٻڌي ڇڏيندا آهن، جنهن ڪري نار نهايت هلڪو ٿي پوندو آهي، ۽ پاڻي جهجهو ڪڍندو آهي. سورن سانگهارو، ڪڏه تان ڪونه ڪئو آيل اوڀارو ٻاڙ ٻڌو ٻوڙ وهي. عاشق کي پرينءَ جا گوندر ۽ غم ’ولين‘ جيان وڪوڙي ٿا وڃن؛ ۽ هو دنيا ۾ ’هرڻ‘ يا ’هماءَ‘ وانگي سرگردان آهي؛ سندس درد واري دانهن ’ڪوئل‘ جي ’ڪوڪ‘، ’چتونءَ‘ جي ’چانگهار‘ ۽ ’ڪونج‘ جي ’ڪرڪي‘ جهرفي آهي. عشق ’وسيهر‘ نانگ آهي. ننهن ’سيچاڻي‘ ۽ ’شيدنهن جئن ڪڏهين ڍاپڻ جو نه آهي، معشوق ’آسمان مثلا عاشق کان دور آهي؛ سندس تر ۽ تروکڙين ’تارن‘ جهڙيون آهن؛ ۽ سندس اکيون ’الماس‘ يا ’انبوريءَ‘ جهڙيون. گجگوڙ جو آواز ’منڊل‘ ۽ ’مرڌنگ‘ جهڙو آهي، انڊلٺ جا رنگ ’چنيءَ‘ جي ’چٽن‘ جهڙا آن. خوفناڪ جبل ۽ تڪر ’هيبت جا هاٿي‘ آهن. مرشد ڪامل ’باز‘ يا ’هماءَ‘ جهڙو اعليٰ همت آهي، جو هن ڌرتيءَ کان مٿي پرواز ڪري ٿو‘ مگر ٺوڳي گرو هڪ ’ڳجهه‘ وانگر آهي، جا ڍونڍ جي عاشق آهي. سچو سالڪ ’هنج‘ مثل آهي، جو پاتال مان پٿون ڳولي ڪڍي ٿو؛ ۽ ڪوڙ فقير ’ڪنگ‘ مثل آهي جو ڪني دُبي مان مڇيون ماري ٿو. اهڙا انيڪ مثال ملي سگهندا. مطلب ته مٿي ڄاڻايل خوگبين ڪري، شاه جو ڪلام گهڙجي، ماڻهن جي دلين ۽ حياتيءَ سان هڪ ٿي ويو آهي، ۽ سندس ڪيترا بيت عام جام پهاڪن طور ڪتب اچن ٿا، جا ئي وڏي ثابتي آهي، سندس بزرگيءَ ۽ ڪماليت جي، جئن چنڊ جي ڪشش ڪري وير چڙندي آهي، ۽ آسپاس وارن وارياسن مڪانن تي، مهراڻ جا موتي اُڇليندي آهي، تئن شاه عبدالطيف جي شاعراڻي طبع به الهام جي اثر هيٺ موج ۾ اچڍي، هن دنيا ويراني تي ڇولون ماري، امل ماڻڪن جي اوت ڪئي آهي. موج چون بر اوج شد آن بحر زخار از شرف لؤلؤي منظوم بر ساحل فگند از هر طرف.

حوالا

  1. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Lateefyat/Book1/Book_page1.html
  2. WICHAAR DOT COM***** Punjabi News and Comprehensive Punjabi Journal*****
  3. http://sindhisangatuk.com/poetry/shah_jo_risalo.pdf
  4. { مضمون ۽ مقالا/ ڊاڪٽر دائودپوٽو، ص 194}
  5. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page5.html#_ftn1.  Missing or empty |title= (help)
  6. شاهه جو رسالو_معياري متن(جلد پهرئين جو تحقيقي جائزو) ناسف علي شيراز ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 2004ع

[1]

[سُرُ ڪلياڻ]http://bhurgri.com/bhurgri/sd_shah_kalyan.php

[سُرُ يمن ڪلياڻ]http://bhurgri.com/bhurgri/sd_shah_yemen.php

[سُرُ کنڀاتhttp://bhurgri.com/bhurgri/sd_shah_khambhat.php

[سُرُ سريراڳ]]http://bhurgri.com/bhurgri/sd_shah_srirag.php