عراق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Flag of Iraq
Coat of arms of Iraq
جهنڊو قومي نشان
نشان: الله أكبر ([[عربي language|عربي]])
"Allahu Akbar(transliteration)
"God is the Greatest"
Location of Iraq
Location of Iraq
گادي جو هنڌ
۽ سڀ کان وڏو شهر
بغداد
33°20′N 44°26′E / 33.333°N 44.433°E / 33.333; 44.433
دفتري ٻوليون
مذهب اسلام
مقامي آبادي عراقي
Government
• صدر
فواد معصوم
حيدر العبادي
قانون ساز ادارو ڪائونسل آف ريپرزنٽيٽوز
خودمختياري يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين
3 آڪٽوبر 1932 (1932-10-03)
14 July 1958
15 October 2005
پکيڙ
• جملي
437٬072 km2 (168٬754 sq mi) (58th)
• آبي (%)
1.1
آبادي
• 2016 اندازو
37,202,572[1] (36th)
•  گھاٽائي
82.7 /km2 (214.2 /sq mi) (125th)
ڪل قومي پيداوار (مساوي قوت خريد) 2017 اندازو
• ڪل
$612 billion[2] ( ملڪن جي جي.ڊي.پي. جي فھرست(مساوي قوت خريد)
• في سيڪڙو
$16,551[2] (71st)
جي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2015 اندازو
• ڪل
$240.006 billion[2] (47th)
• في سيڪڙو
$6,491[2] ([ ملڪن جي جي.ڊي.پي. فھرست
جيني (2012) 29.5
ڪمتر
شرح انساني ترقي Increase2.svg 0.654[3]
وچولو · 121st
ڪرنسي عراقي دينار (IQD)
معياري وقت AST (متناسق عالمی وقت+3)
ڊرائيونگ جو پاسو right
ڪالنگ ڪوڊ +964
انٽرنيٽ ڊومين .iq
  1. Constitution of Iraq, Article 4 (1st).

عراق وچ اوڀر ۾ واقع هڪ عرب ملڪ آھي.

تعارف

عراق جون سرحدون اوڀر ۾ ايران، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪويت، ڏکڻ ۾ سعودي عرب، ڏکڻ اولھ ۾ اردن، اولھ ۾ شام ۽ اتر ۾ ترڪي سان لڳن ٿيون. ڏکڻ اوڀر ۾ ايران ۽ ڪويت جي سرحدن جي وچان ٿوري حصي سان ايراني نار به لڳيس ٿو. بغداد عراق جو گادي جو هنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شهر آهي.  قومن جي لحاظ کان هتي گھڻائي عربن ۽ ڪردن جي آهي، جڏهن ته ڪجھ تعداد ۾ اسيري، آرمينيائي، ترڪمان ۽ ٻيون قومون به رهن ٿيون. عراق جي ڪل آبادي تقريبن ساڍا ٽي ڪروڙ آهي، جنهن جو 95 سيڪڙو ماڻهو مسلمان آهن. مسلمانن کان علاوه هتي عيسائي ۽ يزدي وغيره به رهن ٿا. 
عراق جو جھنڊو

جاگرافي

عراق جي وچان ٻه درياھ فرات ۽ دجله وهن ٿا، جيڪي ايراني نار ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان پهرين ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. انهن ٻنهي جي وچ وارو علائقو ڏاڍو سر سبز ۽ زرخيز آهي. باقي علائقو ريگستاني اٿس. ٻنهي ندين جي وچ واري علائقي کي ميسوپوٽيميا به چيو ويندو آهي. ميسوپوٽيميا تمام پراڻو تاريخي خطو ۽ تهذيبن جو گھر رهيو آهي. سميري، اسيري ۽ بابلي تهذيبون هتان سان ئي تعلق رکنديون هيون. بعد ۾ هي علائقو ساساني، رومي، اسلامي، منگول، صفوي ۽ عثماني سلطنتن جو به حصو رهيو.

تاريخ

هاڻاڪو عراق پهرين عالمي جنگ کان پوءِ سلطنت عثمانيه جي ورهائجڻ جي نتيجي ۾ 1920ع ۾ برطانوي سلطنت جي حصي ۾ آيو. 1932ع ۾ عراق برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي. هتي 1968ع کان وٺي 2003ع تائين بعث پارٽي جي حڪومت رهي. 2003ع ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين عراق تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ صدام حسين، جيڪو ان وقت بعث پارٽي جو سربراھ ۽ عراق جو صدر هيو، کي هٽايو ويو. آمريڪا ۽ ان جي اتحادين 2011ع ۾ عراق خالي ڪيو. آمريڪا جي وڃڻ کان پوءِ عراق ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي. هن وقت عراق جو ڪجھ حصو آمريڪا جي د‍ؤر ۾ ڪرايل اليڪشن جي نتيجي ۾ منتخب ٿيل حڪومت جي اثر هيٺ آهي، جڏهن ته ڪجھ حصي تي ڪردن جو ۽ ڪجھ حصي تي داعش نالي دهشتگرد تنظيم جو قبضو آهي.

حوالا

  1. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. Retrieved 10 September 2017. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 "Iraq". International Monetary Fund. 
  3. "2015 Human Development Report Statistical Annex" (PDF). United Nations Development Programme. 2015. p. 9. Retrieved December 14, 2015.