ارتقا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Evolution of Slider Closure Technology.png

ارتقا: Evolution: جو مطلب حياتيات جي سائنس مطابق اهو آهي تہ سمورا جاندار ماضيءَ ۾ ڪنهن هڪ ئي جاندار مان وجود ۾ آيا آهن. هاڻوڪا سمورا جاندار پنهنجن ابن ڏاڏن وٽان ترقي ڪندا موجوده منزل تائين پهتا آهن. ارتقا ۾ تبديليءَ جو ماپو هڪ ٻن نسلن سان نٿو لڳائي سگهجي، هلڪي ارتقائي تبديليءَ جي ماپ لاءِ به لکين سال گهرجن ٿا. يعني موجوده ڪتو پنهنجن جهنگي ابن ڏاڏن وٽان ڇڄي هڪ ڌار جنس تڏهن بنجي پيو جڏهن هن جو تعلق پنهنجي جهنگلي ابن ڏاڏن سان بلڪل ختم ٿي ويو. هن وقت ڪتا فقط انساني آبادين ۾ ئي رهن ٿا.

ارتقا جي نظريي جي حامين مطابق اڄ جا يا ماضيءَ جا سمورا جاندار پنهنجي هڪ ئي اوائلي جاندار ابي مان پيدا ٿيا آهن. ارتقائي تبديلي نسل در نسل ايندي آهي جيڪا جاندار جي موروثي مواد تي تمام آهستگيءَ سان مسلسل اثرانداز ٿيندي رهندي آهي. سائنسدانن مطابق جاندارن جي ارتقا هميشه کان ٿيندي رهي آهي ۽ ٿيندي رهندي.
ارتقا جو نظريو سڀ کان اول فرانسي سائنسدان زَان لَمارڪ 1809ع ۾ پيش ڪيو. سندس دعوى هئي ته سادي قسم جي جسمي بناوت اڻ-جيئندڙ مادي مان اسري آهي، جڏهن ته اعلى درجي جي حيوانن سادي قسم جي حيوانن مان ترقي (ارتقا) ڪري، هاڻوڪي شڪل اختيار ڪئي آهي. انسان جي باري ۾ هن جو خيال هو، ته اهو چوپاين جي نسل مان آهي ۽ ڏاڍي ڊگهي مدي جي ارتقا جا ڏاڪا طَي ڪندي ماڻهو ٿيو آهي. هن ڪيترن ئي قسمن جي ٻوٽن ۽ جانورن جي مثالن سان ثابت ڪيو ته جسم جي ڪنهن عضوي جو لاڳيتو استعمال توانائيءَ ۽ ترقي جو ڪارڻ بڻيو آهي ۽ جيڪڏهن استعمال گهٽائي ڇڏجي، ته ان ۾ کوٽ شروع ٿي ويندي آهي ۽ آخرڪار بيڪار ۽ گم ٿي ويندي آهي. مثال طور مال ڍوئيندڙ گودي يا گدام جي مزدورن جي پيرن جون تندون ڏاڍيون مضبوط هونديون آهن. ملاحن، نانوائين، ڪاسائين ۽ ڊکڻن جي ٻانهن ۽ ڪلهن جو گوشت ڏاڍو طاقتور هوندو آهي ۽ ڌٻڻ يا گپ جي پکين، مثال طور سارس، ٻگهه، چيهي وغيره جون ڄنگهون، چهنبون ۽ ڳچيون ڏاڍيون ڊگهيون هونديون آهن. لمارڪ اهو به ثابت ڪيو ته واهپي يا اڻ واهپي سان جسم ۾ جيڪي تبديليون اينديون آهن، اهي نئين نسل ۾ ورثي طور اينديون رهنديون آهن، پر سندس خيال هو ته ٻوٽن ۽ جانورن ۾ مٿاهين سطح تائين ترقي ڪرڻ جي خواهش موجود هوندي آهي ۽ اهي اندروني طرح ترقيءَ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. سائنس اڃا مابعد الطبعيات جي اثر کان آزاد ڪا نه ٿي هئي.[1]ارتقا جي نظريي جو حقيقي مؤجد چارلس ڊاروِن (1809-1882ع) آهي. لَمارڪ ۽ ڊارون جي تحقيقن ۾ جيتوڻيڪ 50 سالن جي وٿي آهي ۽ ان وچ ۾ ڪيترن ئي سائنسدانن ارتقا جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو، پر ڊارون ئي اهو عظيم سائنسدان هو جنهن حياتيءَ جي سڀني پاسن کي نج قدرتي لقائن جي حيثيت ۾ ڏٺو ۽ قدرتي سببن ۽ ٺوس حقيقتن وسيلي انهن جي تشريح ڪئي. ڊارون جي جڳ مشهور تصنيف ”جنسن جو بڻ بنياد“ (Origin of Species) 1859ع ۾ شايع ٿي. هيءُ ڪتاب سندس 28 سالن جي تحقيق ۽ جاچ جو نتيجو هو[1]ڊارون جو چوڻ هو ته ٻوٽن ۽ جانورن جي شروعاتي شڪل اها نه هئي جيڪا اڄ آهي، پر ان ۾ لکن ڪروڙن سالن کان تبديليون ٿينديون آيون آهن. انهن تبديلين جو بنيادي سبب موسم ۽ جاگرافيائي ماحول جي تبديلي هئي. جن ٻوٽن ۽ جانورن موسم ۽ ماحول جي ڦير سان پنهنجن جسمن ۾ تبديليون آنديون، اهي زنده رهيا ۽ جيڪي موسم ۽ ماحول سان هڪجهڙائي پيدا نه ڪري سگهيا، اهي فنا ٿي ويا. ڊارون بقا ۽ فنا جي قانون جي تائيد ۾ موجود ۽ گم ٿيل ٻوٽن ۽ جانورن جا ڪيترائي مثال ڏنا ۽ ٻڌايو ته ڪهڙيءَ طرح عضوِي تبديليون نوَن نسلن ۾ تبديل ٿيون ۽ نين جنسن جي وجود ۾ اچڻ جو ڪارڻ بڻيون. ڊارون قدرت جي ان عمل کي ”قدرتي چونڊ“ جو عمل چئي ٿو.[1]

نيچرل سليڪشن

ڊارون ”قدرتي چونڊ“ جي طريقي کي ”هٿراڌو چونڊ“ جي وسيلي سمجهايو. هٿراڌو چونڊ جو مطلب سٺن يا نون قسمن جي ٻوٽن ۽ جانورن جي واڌاري جون اهي تدبيرون آهن جيڪي انسان پنهنجي فائدي لاءِ اختيار ڪندو آهي. مثال طور اسان جو روزانو ٿيندڙ تجربو آهي ته هاري، مالهي ۽ باغائي اَنَ، ڀاڇين ۽ مَيون جا سٺي کان سٺا ٻج چونڊيندا آهن، ته جيئن نئون فصل وڌيڪ سٺو ٿئي. هيءُ عمل هزارين سالن کان هلندو اچي، ان جي ڪري پيداوار جي مقدار ۾ ئي واڌارو نه ٿيو آهي، پر ڪيترن ئي قسمن جا اهڙا نوان اناج، ٻوٽا ۽ ٻج حاصل ٿيا آهن جيڪي اڳ قدرت ۾ موجود نه هئا. اسين اڄ جيڪا ڪڻڪ ۽ جوَ کائون ٿا، اهي اڳ جهنگلي گلن جا ٻج هئا جن انسانن جي ڪوششن سان ترقيءَ جا ڏاڪا طَي ڪيا ۽ آخرڪار پنهنجِي اصل جنس کان صفا ڌار قسم جا ٿي ويا. فطرت ۾ هارين، مالهين، باغائين ۽ نسل وڌائڻ جي ماهرن جو ڪردار ”قدرتي چونڊ“ ڪري ٿو. اهو ايئن، ته ٻوٽا ۽ جانور پنهنجي ماحول ۽ حريف (مخالف) ٻوٽن ۽ جانورن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي جسم ۾ ضروري تبديليون ڪندا رهن ٿا. بقا لاءِ جدوجهد جو هيءُ عمل ڪروڙين سالن کان جاري آهي. تبديليون نون نسلن ۾ ورثي طور منتقل ٿينديون رهن ٿيون ۽ نوان نسل پنهنجي ماحول مطابق وڌيڪ تبديليون ڪندا رهن ٿا. رد ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ جي ان عمل ڪري نيون جنسون وجود ۾ اچن ٿيون. انسان به قدرت جي ان قانون کان ٻاهر ڪونهي، تنهنڪري انسانذات به لکن سالن ۾ ارتقائي عمل جا کوڙ ڏاڪا طي ڪري، هاڻوڪي شڪل اختيار ڪئي آهي. جڏهن ته ان جا اڳوڻا وڏا بوزينه (بندر) هئا.[1]

حوالا

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 [1] ڪتاب:موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ: سبط حسن