سانيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سانيٽ __(Sonnet):

سانيٽ اصل ۾ مغربي شاعريءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”چوڏهن سٽن وارو شعر“. هيءَ شاعريءَ جي صنف پهريائين اٽليءَ ۾ موجود هئي، جتان پوءِ انگريزن وٽ آئي ۽ اُتي گهڻي مقبوليت حاصل ڪيائين. تازو ٿورن سالن کان هيءَ صنف سنڌي شاعريءَ ۾ نارائڻ شيام (1922-1989ع) مروج ڪئي ۽ ان جو نالو ”چوڏسي“ آهي، جيڪا رشي وشواميڪر ۽ مينڪا جي ديومالائي ڪٿا تي ٻڌل آهي ۽ شايع ٿي چڪي آهي. سنڌ جي شاعرن، سنڌي سانيٽ ۾ به سٽن جو انداز ساڳيوئي چوڏهن رکيو آهي، پر قافيي جي لحاظ کان هر هڪ شاعر پنهنجي پنهنجي رٿا رکي آهي[1].

حوالا

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي